سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
راورٽي، ميجر هينري جارج: ميجر هينري جارج راورٽيءَ جو جنم 31 مئي 1825ع تي ٿيو. سندس والد جو نالو پيٽر راورٽي هو. ميجر راورٽي 1844ع ڌاري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ فوجيءَ جي حيثيت سان ملازم ٿيو. 1863ع ۾ ميجر جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ 1864ع ڌاري سول ملازمت ۾ داخل ٿيو. 1852ع کان 1859ع دوران پنجاب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي رهيو. هن ڪجهه وقت افغانستان ۾ به نوڪري ڪئي. ميجر راورٽيءَ کي فارسي ۽ پشتو زبانن تي مهارت حاصل هئي. هن جون پشتو زبان ۾، علم ۽ ادب جي حـوالـي سـان گھڻيـون خدمتـون آهـن. ميجر جارج راورٽيءَ پنهنجي سير سفر ۽ مهم جوئيءَ دوران سنڌو درياهه جو تمام گھرو اڀياس ڪيو، ان ڏس ۾ هن جو هڪ ڪتاب (Mehran of Sindh & It’s Tributaries) 1892ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ميجر راورٽيءَ سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ تاريخ سميت ٻين موضوعن تي ڪيتري ئي اهم معلومات ڏني آهي. هن سنڌ توڙي پنجاب جي درياهن جي اڳوڻن تاريخي نالن تي بهتر نموني روشني وڌي آهي. ان سلسلي ۾ ميجر راورٽـي، سـنڌو، وهـاٽ/ بجهـاٽ، قديـم چـن آب يا چندر ڀاڳ، راوي/ روايا/ قديم راوتي، بياس/ قديم بپاشا/ وپاشا ۽ ستلج/ ستلاج/ شتلاج، هاڪڙا، واهندا، ساڱرو، چتانگ، سرسوتي....وڌيڪ پڙهو